APP67-02 ISLAMABAD: November 02 - Maryam Aurangzeb called on President Mamnoon Hussain after taking the oath of office as Minister of State in a special ceremony held at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جي مڪمل آٽوميشن ۽ ڪمپيوٽرائيزيشن وقت جي ضرورت آهي ته جيئن شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ منصفاڻي سرڪيوليشن آڊٽ کي فروغ ڏنو وڃي. هن اها ڳالهه هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. هن چيو ته آن لائن ورڪنگ ۽ دستاويز پيش ڪرڻ سان نه رڳو جعلسازي جي حوصلا شڪني ٿيندي پر نظام کي وڌيڪ شفاف ۽ واضح بڻائڻ ۾ پڻ مدد ملندي.