اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين سان چيف آرمي آف اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ايوان صدر طرفان جاري بيان موجب صدر جنرل قمر جاويد باجوه کي آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سندس پيشيوراڻي صلاحيتن سان قومي دفاع کي سگهه حاصل ٿيندي.