ڪراچي – 23 نومبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪراچي جو امن قومي ترقي ۽ استحڪام جي ضمانت آهي ان جي لاءِ بدامني جي خلاف ڪارروائي کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي ۽ ڏوهارين سان ڪا رعايت نه ڪئي وڃي. هن اها هدايت رينجرز جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بلال اڪبر سان ڳالهائيندي ڏني جنهن صدارتي ڪئمپ آفيس ڪراچي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر کيس هدايت ڪئي ته ڪراچي جي شهرين کي تحفظ جو احساس ڏيڻ جي لاءِ ڏوهارين جي خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ئي واحد حل آهي.