اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ڀارتي فوج طرفان چڙ ڏياريندڙ ۽ کلي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ لائين آف ڪنٽرول تي 2 پاڪستاني فوجي شهيد ٿي ويا، وزيراعظم شهيد ٿيندڙ فوجين کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پرامن پاڙيسري جي اسان جي عزم کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.