APP45-23 ISLAMABAD: August 23 - President Mamnoon Hussain exchanging views with His Holiness Dr. Syedna Mufaddal Saifuddin who along with a delegation of Dawoodi Bohra community called on him at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ سمورن فرقن جي وچ ۾ امن ۽ ڀائيچاري جو ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ عالم سڳورا ۽ دانشور پنهنجو ڪردا ادا ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي سربراهي ۾ دائودي بوهره برادري جي وفد سان ملاقات دوران ڪئي. صدر چيو ته سڀني مڪتبه فڪر جي وچ ۾ رواداري ۽ گڏيل احترام جو رشتو هجڻ گهرجي ۽ مذهبي هم آهنگي جي فروغ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ گهرجن.