خانڪندي – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ رهائشي عمارت ڊهڻ جي ڪري ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ عمارت جي ملبي هيٺ دٻيل ماڻهن کي بچائڻ جي حوالي سان ريسڪيو آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مستقبل ۾ اهڙن حادثن کان بچڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي حڪمت عملي جوڙي وڃي.