اسلام آباد -29 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي هنرمند پروگرام ذريعي سڄي ملڪ ۾ 2 لک 17 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي سکيا فراهم ڪئي وئي آهي، جيڪو هڪ ذڪر جوڳو قابل سنگ ميل آهي. پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام تحت شروع ڪيل ان قدم جو مقصد نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ ٽيڪينڪل مهارت سان آراسته ڪرڻ ۽ روزگار جي فراهمي ۾ اضافي سميت ملڪي اقتصادي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي. پروگرام انفارميشن ٽيڪنالاجي، مينيوفيڪچرنگ، ٽيڪسٽائيل، اليڪٽريڪل ۽ انرجي، مهمان نوازي ۽ سياحت، صحت ۽ لائيف سائنسز، بئنڪنگ ۽ فنانس سميت وڏي پئماني تي مختلف ڪورسن ۾ سکيا فراهم ڪري ٿو. اهي ڪورس قومي ۽ عالمي معيارن موجب ترتيب ڏنا ويا آهن ته جيئن مهارتون عالمي سطح جي برابر هجن. پروگرام ذريعي نوجوانن کي مفت سکيا فراهم ڪري بيروزگاري کي گهٽ ڪرڻ ۽ هنرمند افرادي سگهه کي هٿي وٺائڻ آهي.