اسلام آباد -28 جون (اي پي پي) موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مون سون برساتن ۽ تيز هوائن جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي، ته عوام موسم بابت خطرن کان بچڻ لاءِ ضروري احتياطي تدبيرون اختيار ڪن. پي ايم ڊي جي ترجمان هڪ انٽرويو ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سانوڻي جي شروعاتي اسپيل ۾ زبردست برساتون ٿي رهيون آهن ۽ ايندڙ ڪيترن ئي ڏينهن دوران اسلام آباد کان ڪراچي تائين وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي آهي. هن چيو ته اميد آهي ته موسمي نظام سموري سنڌ جي علائقن کي متاثر ڪندو رهندو ۽ ان جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو. موجوده برساتن جو سبب بڻجندڙ مون سون جو نظام ڪراچي ۾ اڄ صبح تائين جاري رهڻ جي توقع آهي. ان دوران وقفي وقفي سان هلڪي، وچولي ۽ تيز برسات متوقع آهي. موسميات کاتي وارننگ جاري ڪئي آهي ته سخت برسات سبب شهر جي ڪجهه علائقن کي شهري ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن رهواسين کي هوشيار رهڻ جو مشورو ڏنو ته شهر جي ڪجهه علائقن ۾ طوفاني برساتن سبب شهري ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.