اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن راجا خرم شهزاد نواز ۽ انجم عقيل خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي ايندڙ سال جي عوام دوست بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي منظوري جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملا يونٽ وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال، پاور وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ خاص معاون طلحيٰ برڪي پڻ شامل هئا.