اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وزارت سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت ملڪ جي ترقياتي منصوبن لاءِ مجموعي طور تي هن وقت تائين 10 کرب 35 ارب 87 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جا فنڊ جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هن وقت تائين 5 کرب 96 ارب 61 ڪروڙ روپيا خرچ ٿي چڪا آهن. پلاننگ ڪميشن طرفان جاري انگن اکرن موجب حڪومت هلندڙ مالي سال دوران ترقياتي منصوبن لاءِ 10 کرب 96 ارب روپين جا فنڊ رکيا آهن. انگن اکرن موجب اين ٽي ڊي سي، پيپڪو جي ترقياتي منصوبن لاءِ هڪ کرب 4 ارب 59 ڪروڙ، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي لاءِ هڪ کرب 61 ارب 26 ڪروڙ، واٽر ريسورس ڊويزن لاءِ هڪ کرب 99 ارب 59 ڪروڙ، صوبائي رابطن واري ڊويزن لاءِ 71 ڪروڙ، ايس آءِ ايف سي لاءِ 31 ڪروڙ 38 لک روپيا، سائنس ٽيڪنالاجيڪل ريسرچ ڊويزن لاءِ 6 ارب 64 ڪروڙ، روينيو ڊويزن لاءِ 14 ارب 69 ڪروڙ، بين المذاهب هم آهنگي لاءِ 17 ڪروڙ 50 لک، ريلوي ڊويزن لاءِ 35 ارب، پلاننگ ڪميشن لاءِ 8 ارب 49 ڪروڙ، پيٽروليم ڊويزن لاءِ 3 ارب 22 ڪروڙ، پاڪستان نيوڪليئر ريگوليٽري اٿارٽي لاءِ 25 ڪروڙ 63 لک، قومي تاريخي ورثي واري ڊويزن لاءِ 35 ڪروڙ 52 لک، صحت جون سهولتون بهتر بڻائڻ لاءِ 21 ارب، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ريسرچ ڊويزن لاءِ 8 ارب 37 ڪروڙ، نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن لاءِ 5 ڪروڙ 93 لک، ميري ٽائيم افيرز ڊويزن لاءِ هڪ ارب 76 ڪروڙ، لا اينڊ جسٽس ڊويزن لاءِ 93 ڪروڙ، گهرو معاملن واري ڊويزن لاءِ 9 ارب 78 ڪروڙ، بين الصوبائي رابطن واري ڊويزن لاءِ هڪ ارب 95 ڪروڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ٽيلي ڪام ڊويزن لاءِ 11 ارب 37 ڪروڙ، انفارميشن اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڊويزن لاءِ 3 ارب 78 ڪروڙ، صنعت ۽ پيداوار ڊويزن لاءِ 3 ارب 41 ڪروڙ، انساني حقن واري ڊويزن لاءِ 10 ڪروڙ 40 لک، هائوسنگ ورڪس واري ڊويزن لاءِ 4 ارب 10 ڪروڙ، هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 61 ارب 11 ڪروڙ، صوبن ۽ اسپيشل ايرياز لاءِ 2 کرب 17 ارب 66 ڪروڙ، فنانس ڊويزن لاءِ 7 ارب، وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري ڊويزن لاءِ 20 ارب 75 ڪروڙ، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن لاءِ 75 ڪروڙ 80 لک، ڊفينس پروڊڪشن ڊويزن لاءِ 2 ارب 17 ڪروڙ، ڊفينس ڊويزن لاءِ 4 ارب 57 ڪروڙ، ڪميونيڪيشن ڊويزن لاءِ 25 ڪروڙ 48 لک، موسمياتي تبديلي واري ڊويزن لاءِ 3 ارب 53 ڪروڙ، ڪابينا ڊويزن لاءِ 48 ارب 97 ڪروڙ، سيڙپڪاري بورڊ واري ڊويزن لاءِ 40 ڪروڙ 53 لک، ايوي ايشن ڊويزن لاءِ 5 ارب 4 ڪروڙ روپين سميت مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويا آهن.