بيجنگ – 25 جون (اي پي پي) چين 3 ڊسمبر تي جاپان جي ٻي عالمي جنگ ۾ ھٿيار ڦٽا ڪرڻ جي 80 ھين سالگره جي موقعي تي فوجي پريڊ منعقد ڪري رھيو آھي، جنھن ۾ پيپلز لبريشن آرمي جي جديد ترين ھٿيارن جي نمائش ڪئي ويندي. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي صدر شي جن پنگ، جيڪو فوج جو سربراهه به آھي، ان موقعي تي خطاب ڪندو. پيپلز لبريشن آرمي سينيئر آفيسر ووزيڪ ڪي جو چوڻ آھي ته پريڊ ۾ جديد طرز جو جنگي ساز و سامان پيش ڪيو ويندو، جنھن ۾ ھائپر سونگ ھٿيار ۽ مختلف قسمن جا اليڪٽرانڪ اوزار شامل ھوندا. پيپلز لبريشن آرمي دنيا جي سڀ کان وڏي مستقل فوج آھي جن جي اھلڪارن جو انگ 20 لک کان وڌيڪ آھي ۽ ھن وٽ جديد ميزائل، جھاز بردار جھاز ۽ ويڙھاڪ جھاز موجود آھن.