گڏيل قومون-25 جون (اي پي پي) چين چيو آهي ته ايران هن وقت تائين ايٽمي هٿيارن جي عدم پکيڙ جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون آهن جڏهن ته آمريڪا ايراني ايٽمي پروگرام جي حوالي سان 2015ع ۾ طئي ٿيل عالمي معاهدي کان 2018ع ۾ هڪطرفي عليحدگي اختيار ڪئي ۽ ايران تي هڪطرفيون پابنديون لڳائي بحران جي شروعات ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ايران خلاف الزامن جي جواب ۾ گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوڪانگ چيو ته سلامتي ڪائونسل جي ڪجهه ميمبر ملڪن ايران خلاف اسرائيل ۽ آمريڪا جي فوجي قدمن کي جواز فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ايران تي ايٽمي هٿيارن جي عدم پکيڙ جي ذميوارين جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ڪيو. هن چيو ته چين انهن ملڪن کي انهن جي بنيادي حقيقتن جي ياد ڏيارڻ چاهي ٿو ته اهو ڪو ٻيو نه پر آمريڪا آهي جنهن ايراني ايٽمي بحران شروع ڪيو ۽ ايران جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان 2015ع ۾ طئي ٿيل عالمي معاهدي تان 2018ع ۾ عليحدگي اختيار ڪئي جنهن کانپوءِ ايران خلاف هڪطرفيون پابنديون بحال ڪري انهن ۾ اضافو ڪيو ۽ ايران خلاف وڌ کان وڌ دٻاءُ واري پاليسي تحت قدم کنيا. اهڙي طرح ايران کي معاهدي مان ملندڙ اقتصادي فائدا حاصل ڪرڻ کان روڪيو ويو ۽ معاهدي تحت پنهنجا واعدا پورو نه ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. هن چيو ته آمريڪا ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي فوجي حملا ڪيا جنهن جي ذريعي آمريڪا پنهنجي شروع ڪيل ڳالهين واري عمل کي نقصان پهچايو ۽ ان سان علائقي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو. چيني سفير چيو ته ايٽمي بحران جي حل ۾ ايران جو قدر ڪرڻ گهرجي. ايران اڄ تائين ايٽمي هٿيارن جي عدم پکيڙ جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون آهن ۽ جامع حفاظتي معاهدي تي عملدرآمد ڪري رهيو آهي، هن ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته هو ايٽمي هٿيار تيار نٿو ڪرڻ چاهي، چيني نمائندي چيو ته ايران آمريڪا سان ڳالهين جا ڪيترائي دور تعميري انداز ۾ ڪيا ۽ پنهنجي سفارتي ڪوششن تان ڪڏهن به هٿ نه کنيو. هن چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا مستقبل جي امڪاني خطرن جي بنياد تي ايران خلاف طاقت جي استعمال جو سهارو ورتو جيڪو عالمي قانونن ۽ ايران جي خودمختياري جي سنگين خلاف ورزي آهي. هن چيو ته آءِ اي اي اي جي خدشن هيٺ رکيل ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تي حملو هڪ خراب مثال آهي جنهن سان ايٽمي هٿيارن جي عدم پکيڙ جي عالمي ڪوششن کي خطرو درپيش آهي. چيني نمائندي چيو ته سندس ملڪ هڪ دفعو ٻيهر واضح طور تي ان جي مذمت ڪري ٿو، هن چيو ته ڄاڻايل قدم ايراني ايٽمي مسئلي کي حل ڪرڻ جي سفارتي ڪوششن کي به نقصان پهچايو آهي ۽ سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2231 تي عملدرآمد جي باري ۾ انتهائي غير يقيني جي صورتحال پيدا ڪئي آهي جنهن تي چين کي سخت ڳڻتي آهي.