اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته زراعت ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي ۽ زرعي شعبي ۾ پائيدار سڌارن سان ملڪي معيشت کي وڌيڪ فروغ ملندو، زرعي شعبي ۾ سڌارن سان في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ٿيندو ۽ پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي، زراعت جي ترقي جي لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ ڀاڻ ۽ زرعي دوائن تي ٽيڪس نه پيو لڳايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ زرعي شعبي جي ترقي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته زراعت ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي ۽ زرعي شعبي ۾ پائيدار سڌارن سان ملڪي معيشت کي وڌيڪ فروغ ملندو، زرعي شعبي ۾ سڌارن سان في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ٿيندو ۽ پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم چيو ته فارم ميڪنائيزيشن جي واڌ لاءِ زرعي مشينري ۽ اوزارن تي ٽيڪس گهٽ ڪيو وڃي، زرعي جنسن جي ذخيري جي صلاحيت وڌائڻ جي حوالي سان قدم تيز ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته صوبن جو زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ نئين منصوبن ۽ فنڊز جي فراهمي خوش آئنده آهي، اميد آهي ته زرعي اسڪالرشپ تي چين موڪليل ماڻهو وطن واپسي تي زرعي شعبي جي فروغ جي لاءِ بطور انٽر پرينيور قدر جوڳيون خدمتون سرانجام ڏيندا. وزيراعظم چيو ته زراعت جي شعبي ۾ ترقي سان سڀ کان وڌيڪ فائدو آبادگارن ۽ ڳوٺاڻي علائقن جي رهواسين کي ٿيندو، زراعت جي ترقي جي لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ ڀاڻ ۽ زرعي دوائن تي ٽيڪس نه پيو لڳايو وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي زرعي شعبي ۾ سڌارن خاص طور تي زرعي پيداوار ۾ اضافي، زرعي انفراسٽرڪچر ۽ آبادگارن جي آسان زرعي قرضن تائين پهچ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل ايگريڪلچر انوويشن اينڊ گروٿ ايڪشن پلان آبادگارن جي آمدني وڌائڻ، پيداوار ۾ اضافي ۽ جامع سڌارن تي مرڪوز آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته زرعي شعبي ۾ ويليو ايڊيشن ڪري برآمدات سان آبادگارن جي آمدني وڌائي ويندي ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهبو، قومي ٽيڪنالاجي فنڊ جي منصوبي اگنائٽ تحت 129 زرعي اسٽارٽ اپس شروع ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، ماحولياتي تبديلي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، وزيراعظم جو چيف ڪوآرڊينيٽر مشرف زيدي، زرعي شعبي جي لاءِ وزيراعظم جو چيف ڪوآرڊينيٽر احمد عمير، زرعي شعبي سان واڳيل نجي شعبي جا انٽر پرينيور ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار شريڪ هئا.