APP31-02 ISLAMABAD: August 02 – Foreign Minister of Turkey Mevlut Cavusoglu called on President Mamnoon Hussain at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا مذهب، تاريخ، ثقافت ۽ گڏيل روايتن تي ٻڌل آهن. ترڪي ۾ 15 جولاءِ جي ناڪام بغاوت جمهوريت جي فتح آهي، هن اها ڳالهه ترڪ پرڏيهي وزير ميوت چاوش اولو سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران چئي. صدر وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ترڪي جي اڳواڻن ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته 15 جولاءِ جي ناڪام بغاوت جمهوريت جي فتح آهي.