اسلام آباد -15 جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس طرفان پاڪستان ۽ بلغاريه وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 60هين سالگره جي تاريخي موقعي تي بلغاريه جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان گذريل ڏينهن جاري پريس پڌرائي ۾ چيو ويو آهي، ته سفارتي لاڳاپن جي سالگره جو ڏينهن ٻنهي قومن وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل دوستي جو ثبوت آهي. ان موقعي کي يادگار بڻائڻ لاءِ پاڪستان ۽ بلغاريه جي پرڏيهي وزيرن پنهنجي گڏيل ڪاميابين جو جشن ملهائيندي هڪٻئي کي مبارڪن وارا پيغام ڏنا. پيغامن ۾ ٻنهي ملڪن جي مفادن ۾ مختلف شعبن ۾ به طرفه تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم تي زور ڀريو ويو.