اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح هڪ لک 24 هزار پوائنٽس تي پهچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي عوام دوست بجيٽ تي اعتماد جو اظهار آهي، بجيٽ ۾ عام ماڻهو تي ٽيڪس جو وڌيڪ بار ناهي وڌو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پگهارن ۾ اضافي ۽ ٽيڪس ۾ گهٽتائي سان نوڪري ڪندڙ ماڻهن کي ريليف ملندو. هن چيو ته الحمدالله ملڪي معاشي ترقي جو سفر شروع آهي، پاڪستاني عوام قربانيون ڏنيون، هاڻي اسان سڀني کي گڏجي عام ماڻهو جي زندگي ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ محنت ڪرڻي آهي. وزيراعظم چيو ته مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن، مٽاسٽا جي ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت جي ڪري ممڪن ٿيو. هن چيو ته پاڪستان جي ڊيفالٽ کان واپسي، معاشي استحڪام ۽ ترقي جي سفر جي شروعات معجزو آهي، معاشي ٽيم جي محنت ۽ پاڪستان جي مفادن کي اولين ترجيح ڏيڻ جي ڪري معاشي سطح تي اهو مثالي ٽرن اوور تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکيو ويندو.