اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 12 جون تي گڏيل عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اهو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گهري ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪي گڏيل اعتماد، گڏيل قدرن ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. وزيراعظم سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ شامل هوندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي قيادت سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٻطرفي ملاقات پڻ شامل آهي. اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه دوران گڏيل دلچسپي ۽ ڳڻتي جي وسيع تر ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. بيان موجب وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي گڏيل فائديمند اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي سگهه ڏيڻ، گڏيل دلچسپي جي موجوده شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفي خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ نيون راهون ڳولڻ جي گڏيل عزم جو مظهر آهي.