واشنگٽن _ 11 جون (اي پي پي ) آمريڪا فلسطيني عسڪري تنظيم ۽ فلسطيني آزادي بابت عوامي محاذ (پي ايف ايل پي ) کي مالي سهڪار فراهم ڪرڻ جي الزام تي ڪجهه ماڻهن ۽ فلاحي تنظيمن تي اقتصادي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن . پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه آمريڪي ناڻي کاتي جي ويب سائيٽ تي جاري هڪ بيان ۾ چئي وئي آهي. ناڻي کاتي مطابق اهي پابنديون ان ڪوشش جو تسلسل آهن جنهن جو مقصد اهڙين تنظيمن جي مالي رسائي کي محدود ڪرڻ آهي جيڪي تشدد ۽ بدامني کي هٿي ڏئي سگهن ٿيون . بيان ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته مخصوص ادارن ۽ ماڻهن کي هدف بڻائڻ جو مقصد انهن تنظيمن جي مالياتي سرگرمين کي سخت نگراني ۾ آڻڻ آهي جن کي آمريڪا امن لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي.