اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ايندڙ مالي سال 26-2025ع دوران پيٽروليم ڊويزن جي جاري هڪ منصوبي لاءِ 718.580 ملين رپين جا فنڊز رکيا آهن. ڪالهه جاري پي ايس ڊي پي جي انگن اکرن موجب جديد سيٽلائيٽ اميچنگ بيس ٽيڪنالاجي ذريعي زميني نقشن ۽ معدنيات جي تلاش ۾ تيزيءَ جي منصوبي تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 995 ملين رپيا آهي جڏهن ته 30 جون 25ع تائين منصوبي لاءِ 276.420 ملين رپين جا ترقياتي فنڊ جاري ڪرڻ جي توقع آهي. واضح رهي ته پي ايس ڊي پي تحت خرچ ڪيل ايندڙ مالي سال 26-2025ع ۾ منصوبي لاءِ وڌيڪ 718.580 ملين رپين جو ترقياتي بجيٽ رکيو ويو آهي.