تل ابيب – 10 جون (اي پي پي) اسرائيل جي فوج يمن کي 3 بندرگاهه خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اسرائيل جي فوج خبردار ڪندي چيو آھي ته يمن جي اولھندي سامونڊي ڪناري موجود 3 اھم بندرگاھن کي فوري طور خالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي، اھا وارننگ حوثي ڪنٽرول ۾ موجود ٺڪاڻن تي اسرائيل جي امڪاني حملن کي نظر ۾ رکندي ڏني وئي آھي. اسرائيلي فوج جي ترجمان ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو آھي ته رس عيسي، الحديد ۽ الصليف جابندرگاهه فوري طور خالي ڪيا وڃن ۽ انھن ھنڌن تي موجود سمورا ماڻھو ان کان پري ٿي وڃن. ترجمان چيو ته حوثي گروپ انھن بندرگاھن کي دھشتگرداڻي سرگرمين لاءِ استعمال ڪري رھيو آھي. واضح رھي ته اسرائيلي فوج ماضي ۾ به انھن بندرگاھن خلاف اھڙي نوعيت جي وارننگ جاري ڪري چڪي آھي جنھن جي ڪجھه ئي ڏينھن کانپوءِ حملا به ڪيا ويا ھئا.