ڪراچي-05 جون (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سينيئر صحافي واثق محمد جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ھن مرحوم جي صحافتي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي دعا ڪئي ته الله پاڪ مرحوم کي پنهنجي رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر عطا ڪري.