اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪ ايران ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ بين الاشعبه جاتي اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جا موقعا ڳولڻ خاص طور تي اقتصادي ۽ واپاري شعبن تي ڌيان ڏنو ويو. اجلاس ۾ گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ علائقائي استحڪام تي ٻڌل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو ويو.