اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سيز فائر ٿي چڪو آهي، اميد آهي ته اهو ڊگهو ۽ پائيدار هوندو ۽ اسان سيڙپڪاري، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏئي سگهنداسين، اسان آءِ ٽي، توانائي، زراعت، تعليم سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي واپار، ٽيرف سميت ٻين معاملن تي آمريڪا سان رابطي ۾ آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي سفارتخاني ۾ آزادي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران آمريڪا جي 249هين آزادي جي ڏهاڙي جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي رابطي کي فروغ ڏنو ويندو، آمريڪي بزرگن پنهنجي ويزن ۽ جدوجهد سان تاريخ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، انهن جا آزادي، برداشت ۽ جمهوري نظم ۽ ضبط جا نظريا اسان جي بزرگن جي سوچ ۽ ويزن سان هم آهنگ آهن، قائداعظم محمد علي جناح آئين، اقليتن جي حقن ۽ قانون جي حڪمراني تي يقين رکندو هو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار ۽ وسيع بنيادن تي تاريخي لاڳاپا آهن، آمريڪا پاڪستان کي تسليم ڪندڙ شروعاتي ملڪن ۾ شامل هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڊيمن سميت ڪيترائي منصوبا آمريڪي حڪومت جي تعاون سان مڪمل ڪيا ويا، آمريڪا ڪيترائي ڀيرا پاڪستان ۽ پاڪستاني معيشت جي استحڪام لاءِ تعاون فراهم ڪيو، نائن اليون کانپوءِ دهشتگردي جي خلاف عالمي جنگ شروع ٿي. هن چيو ته افغان جنگ خاص طور تي نائن اليون کانپوءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان فرنٽ لائين ملڪ جو ڪردار ادا ڪيو، 2018ع ۾ پاڪستان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪري ڇڏيو هو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، 90 هزار کان وڌيڪ جانيون قربان ٿيون، 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان ٿيو. هن چيو ته هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان پنهنجي معاشي بحالي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پاڪستان نه رڳو خطي پر سڄي دنيا ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تازي جنگ سان اها حقيقت ظاهر ٿي آهي ته پهلگام واقعو فالس فليگ آپريشن هو، ڀارت کي پوري دنيا آڏو ٺوس ثبوت پيش ڪرڻ گهرجن ۽ ان کي ان واقعي جي حقيقتن بابت قائل ڪرڻ گهرجي، اسان ان معاملي جي عالمي سطح تي اعتماد جوڳي ۽ شفاف جاچ جي آڇ ڪئي ته جيئن دنيا حقيقتن بابت ڄاڻي سگهي پر بدقسمتي سان اسان جي سنجيده ۽ مخلصاڻي آڇ جو ڀارت جارحيت سان جواب ڏنو، اسان صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو، 6 ۽ 7 مئي تي ٻارن ۽ عورتن سميت 33 معصوم پاڪستانين کي شهيد ۽ 55 کي زخمي ڪيو ويو، اسان پنهنجي دفاع ۾ 6 ڀارتي جهاز ڪيرايا ڇو ته جواب ڏيڻ اسان جو حق هو، ڀارت 9 ۽ 10 مئي تي ٻيهر حملو ڪيو، ان موقعي تي اسان جا آمريڪي دوست اسان سان رابطي ۾ هئا، انهن مخلصاڻي طور تي اسان کي قائل ڪيو جنهن تي اسان چيو ته هاڻي ڪافي آهي ۽ جنگبندي تي رضامندي ظاهر ڪئي، اسان امن ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جا خواهشمند آهيون، آمريڪي دوستن ٻيهر اسان سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان کي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، اسان ڀارت پاران ٻيهر حملي تي پنهنجو ردعمل ڏنو. هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪنهن شڪ کانسواءِ امن پسند شخصيت آهي ۽ امن ۽ مفيد ڪاروباري معاهدن جو داعي آهي، هو ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جو حامي، سرد ۽ گرم جنگ جي خلاف آهي، هو ڪنهن خاص خطي ۾ نه پر سڄي دنيا ۾ خوشحالي ۽ ترقي جو خواهشمند آهي جنهن جو سندس تازي بيانن مان اظهار ٿئي ٿو، هن پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي واپار، سيڙپڪاري ۽ جنگبندي جي تجويز ڏني، پاڪ – ڀارت جنگبندي جي لاءِ آمريڪي صدر ٽرمپ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته وچ اوڀر ۽ نار دوست ملڪن اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سيز فائر ٿي چڪو آهي، اميد آهي ته اهو ڊگهو ۽ پائيدار هوندو ۽ اسان سيڙپڪاري، واپار سميت ٻين شعبن کي فروغ ڏئي سگهنداسين، اسان آءِ ٽي، توانائي، زراعت، تعليم سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي واپار، ٽيرف سميت ٻين معاملن تي آمريڪا سان رابطي ۾ آهيون، مختلف شعبن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ويزن ساراهه جوڳو آهي.