اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 800 ملين ڊالرز جي مالياتي پئڪيج جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزير جي مددگار خرم شهزاد گذريل ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو ته بئنڪ جي بورڊ، ريسورس موبلائيزيشن ريفارم پروگرام (ذيلي پروگرام ٽو) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت پاڪستان کي 800 ملين ڊالرز جي مالي مدد ملندي. پاڪستان کي ملندڙ مدد ۾ 300 ملين ڊالرز پاليسي جي بنياد تي آهن. هن چيو ته ناڻي وزارت ۽ اقتصادي معاملن واري وزارت جي قيادت ۾ اثرائتي سفارتڪاري سان بورڊ جي اڪثريتي ميمبرن جي حمايت ممڪن ٿي آهي.