پشاور – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ جي مد ۾ خيبرپختونخواهه جي لاءِ اين ايف سي ۾ مقرر ڪيل هڪ سيڪڙو فنڊ دهشتگردي جي خاتمي تائين جاري رهندو. 2010ع کان ان مد ۾ خيبرپختونخواهه کي 700 ارب رپين کان وڌيڪ فنڊز ڏنا ويا آهن، 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي تحت پاڻي جو هڪ هڪ ڦڙو پاڪستاني عوام جو حق آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج ڀارت کي زندگي جو اهو سبق سيکاريو، جيڪو هو قيامت تائين نه وساريندو، جيڪڏهن ڀارت ٻيهر ڪا حرڪت ڪئي ته کيس ٻيهر سبق سيکارينداسين. خيبرپختونخواهه جي غيرتمند عوام پاڪستان جي دفاع لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، خيبرپختونخواهه عظيم صوبو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور ۾ جرڳي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين خان گنڊاپور، ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل عمر بخاري، وفاقي ۽ صوبائي وزير، سينيٽرز، صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ قبائلي اڳواڻ پڻ موجود هئا. وزيراعظم جرڳي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ منهنجي لاءِ تمام گهڻي عزت جي ڳالهه آهي ته آئون هن جرڳي ۾ توهان جي سامهون موجود آهيان. اسان اڳواڻن جون ڳالهيون ٻڌيون، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جون ڳالهيون ٻڌيون، اسان سڀ توهان جون ڳالهيون ٻڌڻ جي لاءِ آيا آهيون. هن چيو ته خيبرپختونخواهه صوبو عظيم صوبو آهي، مون سدائين پنهنجي تقريرن ۾ چيو ته هي پاڪستان جي خوبصورت ترين صوبن مان آهي جتي برف پوش جبل آهن، واديون ۽ انتهائي دلير عوام آهي. توهان 1947ع ۾ ريفرنڊم ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏئي ثابت ڪيو ته توهان واقعي پاڪستان جا تمام وڏا حامي هئا. توهان پاڪستان جو دفاع ڪيو. خيبرپختونخواهه جا اسان جا ڪيترائي ڀائر، بزرگ ۽ ڀينر شهيد ٿيون، هي اهي عظيم قربانيون آهن جن کي تاريخ ڪڏهن به وساريندي. يقينن جڏهن به پاڪستان جي ڳالهه آئي، توهان سمورن اختلافن کي هڪ طرف رکي پاڪستان جو جهنڊو بلند ڪيو، آئون توهان کي دل جي گهرائين سان خراج تحسين پيش ڪرڻ آيو آهيان، پشاور ۾ 2016ع ۾ اي پي ايس جو واقعو ٿيو، اتي ٻارن ۽ استادن کي شهيد ڪيو ويو ۽ پوءِ پشاور ۾ ميٽنگ ٿي، سوچي سمجهي فيصلو ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو اسان سڀني جي سامهون آهي. اڄ جيڪي ڳالهيون اڳواڻن ڪيون آهن، ان تي اسان کي سنجيدگي سان غور ڪرڻو پوندو ۽ گڏجي ويهي فيصلا ڪرڻا پوندا. وزيراعظم چيو ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور اين ايف سي تي نظرثاني جي ڳالهه ڪئي، اها ڳالهه اسلام آباد ۾ ڏيڍ مهينو اڳ ٿي ۽ مون فوري طور تي ڪميٽي ٺاهي، اين ايف سي جي لاءِ جيڪا صوبن جي نمائندگي هوندي آهي، ان جي لاءِ نالا ڏنا ويا آهن، پهرين ميٽنگ آگسٽ ۾ گهرائينداسين. هن چيو ته 2010ع جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ سڀ کان پهرين ائٽم ۾ چئني صوبن دهشتگردي جي خلاف جنگ جي مد ۾ خيبرپختونخواهه جي لاءِ هڪ سيڪڙو فنڊ تي اتفاق ڪيو. اهو جائز ۽ صحيح فيصلو هو جيڪو دهشتگردي جي خاتمي تائين جاري رهندو جڏهن ته ان ۾ بلوچستان شامل نه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته هيستائين ان مد ۾ خيبرپختونخواهه کي 700 ارب رپين کان وڌيڪ فنڊز حوالي ڪيا ويا آهن. وڏي وزير ٻيا مطالبا ڪيا انهن تي گڏجي ويهي حل ڪڍنداسين. هن چيو ته جيڪي اسان وٽ وسيلا آهن، اهي پاڪستان جا وسيلا آهن جنهن ۾ سمورن صوبن جو حصو آهي، آئون معاملن جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙيان ٿو جيڪا خيبرپختونخواهه جي گورنر، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير، ڪور ڪمانڊر ۽ قبائلي اڳواڻن سان گڏ ويهندي ۽ معاملو اڳتي وڌيو ته اسان ان کي پارليامينٽ ۾ به کڻي وينداسين. وزيراعظم چيو ته ويجهڙائي ۾ ڀارت سان جنگ ٿي. پاڪستان جي سمورن صوبن جي عوام جون دعائون شامل هيون. 6 ۽ 7 مئي تي جهڙي طرح دشمن لِڪي حملو ڪيو ۽ اسان بيگناهه پاڪستانين کي شهيد ڪيو، فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ پاڪ فوج ڀارت کي زندگي جو اهو سبق سيکاريو آهي جيڪو هو قيامت تائين نه وساريندو. اتحاد سان اسان پاڪستان جي تقدير بدلائينداسين. جهڙي طرح هن جنگ ۾ ڪاميابي عطا ٿي، اهڙي طرح پاڪستان معاشي ميدان ۾ به ڪاميابيون حاصل ڪندو. هينئر چار ملڪن جو دورو ڪري آيو آهيان، سڀني جي چهرن تي خوشي هئي، اڄ پوري قوم گڏ آهي، اسان کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وڏا فيصلا ڪرڻا آهن. چئني صوبن جي قيادت گهرائي اسان گڏجي ويهنداسين، مثال طور ڀارت کي جيڪا شڪست مِلي آهي ۽ مودي سرڪار پنهنجا زخم ڀري رهي آهي، ڀارت پاڻي جون ڌمڪيون ڏي ٿو، 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي تحت پاڻي جي هڪ هڪ ڦڙي تي پاڪستاني عوام جو حق آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڻي تي اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته جيئن ڀارت جا ڪڌا ارادا دفن ٿي وڃن. اسان وٽ بي شمار ڊيم آهن جتي اسان پاڻي ذخيرو ڪري سگهون ٿا، اسان کي سوچي سمجهي فيصلا ڪرڻا پوندا. شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ سويلين ۽ فوجي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.