اسلام آباد-30 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي وڏا اهم فيصلا ڪيا ويا، جن ۾ مدي خارج شناختي ڪارڊز تي جاري سمن کي فوري بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، گهرو وزير ملڪ ۾ فيشل ريڪگنيشن ٽيڪنالاجي کي لاڳو ڪرڻ کي 31 ڊسمبر 2025ع تائين يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب گهرو وزير سيڪٽر آءِ 8 ۾ 10 منزله نادرا ميگا سينٽر جو به پيڙهه جو پٿر رکيو، آءِ ايٽ نادرا ميگا سينٽر جي پڄاڻي جون 2026ع ۾ متوقع آهي. گهرو وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مدي خارج ڪارڊن تي جاري سمورين سمن کي فوري طور بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پهرين مرحلي ۾ 2017ع يا ان کان اڳ جي شناختي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪيون وينديون. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ مرحلي ۾ 2017ع کانپوءِ رد ڪيل شناختي ڪارڊن تي پڻ اها پاليسي لاڳو ڪئي ويندي ته جيئن صرف فعال شناختي ڪارڊ تي ئي سمون جاري رهن. نادرا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر ٻڌايو ته پي ٽي اي جي تعاون سان انهن موبائيل سمن کي بلاڪ ڪيو پيو وڃي جيڪي فوت ٿي ويل ماڻهن يا مدو ختم ٿيل شناختي ڪارڊ رکندڙ ماڻهن جي نالن تي رجسٽرڊ آهن. هن چيو ته مختلف سرڪاري کاتا ۽ سروس فراهم ڪندڙ شهرين جي بايو ميٽرڪ معلومات پنهنجي مقامي ڊيٽا بيسز ۾ محفوظ ڪري رهيا آهيون جنهن سان هي حساس معلومات غلط استعمال ۽ چوري جي خطري ۾ ورتل آهي. نادرا جي چيئرمين چيو ته نادرا جي محفوظ ۽ تصديق ٿيل ڊيٽا بيس مان فائدو کڻندي فيشل ريڪگنيشن نظام جو استعمال ڪيو وڃي، خاص طور انهن شهرين جي مدد لاءِ جن کي فنگر پرنٽس جي تصديق ۾ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. گهرو وزير چيو ته گهرو وزارت طرفان سمورن لاڳاپيل ادارن کي شهرين جي بايوميٽرڪ معلومات جي ڌار اسٽوريج بند ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون وينديون. محسن نقوي هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ چهري جي سڃاڻپ (فيشل ريڪگنيشن) ٽيڪنالاجي لاڳو ڪرڻ کي 31 ڊسمبر 2025ع تائين يقيني بڻايو وڃي، ان عمل جي نگراني گهرو وزارت ڪندي. گهرو وزير چيو ته نادرا جي سروسز کي سڄي ملڪ ۾ 44 اهڙن تعلقن ۽ مخصوص يونين ڪائونسلن تائين واڌ ڏني وئي آهي جتي پهرين کان اهي سهولتون موجود نه هيون. اسلام آباد جي سمورين 31 يونين ڪائونسلن ۾ 30 جون تائين نادرا جون خدمتون دستياب هونديون. گهرو وزير پرڏيه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي بهتر خدمتون فراهم ڪرڻ جي اهميت تي به زور ڀريو. گهرو وزير هدايت ڪئي ته پرڏيهي وزارت سان رابطي ۾ رهندي هڪ جامع جائزو ورتو وڃي ته جيئن انهن ملڪن ۽ خطن جي نشاندهي ڪري سگهجي جتي نادرا خدمتن جي وڌيڪ ضرورت آهي، گهرو وزير ملتان، سکر ۽ گوادر ۾ نادرا جي ريجنل آفيسن جي قيام جي پڻ منظوري ڏني. اجلاس دوران نادرا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر اداري جي رسائي، سروس ڊليوري ۽ ڊجيٽل تبديلي جي حوالي سان اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني. گهرو وزير نادرا ۾ سڌارن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ نادرا جي گذريل سال جي نمايان ڪاميابين کي ساراهيو جن تحت 87 نوان رجسٽريشن مرڪز ۽ 417 واڌ ڪائونٽرز قائم ڪيا ويا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل آئيڊنٽيٽي ڪارڊ (اين آءِ سي) رولز 2002ع ۾ وفاقي حڪومت طرفان اهم ترميمن جي منظوري ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٻارن ۽ خاندانن جي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽس کي اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي ته جيئن قانوني وضاحت ۽ فراڊ جي روڪٿام کي يقيني بڻائي سگهجي. انهن ترميمن کي عملدرآمد لاءِ نادرا هڪ موثر سڃاڻپ جو تصديقي نظام متعارف ڪرايو آهي جنهن ۾ فيشل ريڪگنيشن ۽ آئرس کي واڌو بايو ميٽرڪس طور شامل ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي، ايف آءِ اي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان شناختي فراڊ، سم جي غلط استعمال ۽ بايوميٽرڪ تضاد جي ازالي لاءِ ضروري تعاون جاري آهي، نادرا جو وڏو فوڪس پاڪ آءِ ڊي موبائيل ايپ جي افاديت ۽ خصوصيت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي، هن وقت تائين ايپ کي 70لک کان وڌيڪ ڀيرا ڊائونڊ لوڊ ڪيو ويو آهي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ويجهڙ ۾ ئي ايپ ۾ نيون سهولتون شامل ڪيون ويون جهڙوڪ ڊجيٽل سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ، پينشنرز لاءِ ”پروف آف لائيف“ ۽ هٿيارن جي نواڻ شامل آهن. ان موقعي تي گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ نادرا جا اعليٰ عملدار به موجود هئا.