لاچين – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ آذربائيجان جي شهر لاچين ۾ هڪ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان – ترڪيه – آذربائيجان ٽه ڌريي اجلاس ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندو. وزيراعظم جو خطاب پي ٽي وي نيوز تي سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو. سندس خطاب پاڪستان جي معياري وقت موجب ٻنپهرن 2 لڳي 45 منٽن کان ٽپهر 3 لڳي 45 منٽن جي وچ ۾ متوقع آهي. وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۽ آذربائيجان جي صدرن سان گڏجي آذربائيجان جي آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيندو ۽ تقريب کي خطاب به ڪندو جيڪو پاڪستان جي معياري وقت موجب ٽپهر 4 وڳي کان شام 6 وڳي جي وچ ۾ پي ٽي وي نيوز تي سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو.