ڪوئٽا -27 مئي (اي پي پي) بلوچستان جي ضلع نوشڪي ۾ موٽر سائيڪل سوارن جي پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو. پوليس مطابق نوشڪي جي علائقي ڪلي محمد حسني ۾ هٿياربند موٽر سائيڪل سوارن پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار عبدالوحيد موقعي تي شهيد ٿي ويو. پوليس مطابق اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي فورسز موقعي تي پهچي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته علائقي جي ناڪابندي ڪري جوابدارن جي ڳولها شروع ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي بلوچستان حڪومت جي ترجمان واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري طور تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ حڪم جاري ڪيا.