تهران – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ملاقات جي لاءِ سعد آباد محل پهتو. محل اچڻ تي صدر مسعود پيز شڪيان سندس ڀرپور ۽ گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون سيد طارق فاطمي ايران جي دوري ۾ وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ شامل آهن. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وزيراعظم ڏکڻ ايشيا ۾ امن ڪوششن جي لاءِ ايراني صدر ۽ عوام جا ٿورا ادا ڪندو. وزيراعظم وفد سان گڏ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي سان ملاقات ڪندو. ٻطرفي معاملن سميت اهم علائقائي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم ايراني صدر پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شريڪ ٿيندو.