گڏيل قومون _ 20 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير عاصم افتخار احمد عرب گروپ جي هم منصبن کي خطي جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته تازي ڀارتي جارحيت تي پاڪستان جو رد عمل متوازن ۽ مناسب هو. پاڪستاني مشن مان جاري بيان مطابق هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر تحت پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪيو . اسان 10 مئي تي ڀارت سان ٿيندڙ جنگ بندي جي پابندي ڪنداسين . عاصم افتخار احمد چيو ته 1960 ع جي سنڌ طاس آبي معاهدي جي معطلي سميت ڀارتي قدم چڙڏياريندڙ ، عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين ڀڃڪڙي آهن . هن جنگ بندي برقرار رکڻ ، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ علائقائي استحڪام لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو . سفير جو چوڻ هو ته ڀارتي اڳواڻن جي بيان بازي اشتعال انگيز آهي. هن واضع طور تي چيو ته ڄمون ڪشمير جي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهش مطابق حل ڪرڻ کان سواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال دوران پاڪستان جي موقف کي سمجهڻ تي عرب گروپ جو شڪريه ادا ڪيو.