اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) وفاقي حُڪومت معرڪه حق ۾ تاريخي فتح تي سڄي ملڪ ۾ جمعي ڏينهن 16 مئي تي شڪراني جو ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شڪراني جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڏينهن جي شروعات مسجدن ۾ قرآن خواني ۽ خاص دعائن سان ڪئي ويندي. وفاقي گاديءَ واري هنڌ ۾ 31 جڏهن ته گادي وارن هنڌن ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. قائداعظم جي مزار ۽ علامه اقبال جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب جو بندوبست ڪيو ويندو. جهنڊو ڦڙڪائڻ جون تقريبون وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن هنڌ تي منعقد ڪيون وينديون. سڄي ملڪ ۾ شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ويندا ۽ دعائن واريون تقريبون منعقد ٿينديون. آپريشن بنيان مرصوص جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ سندن وارثن سان خاص ملاقاتون ڪيون وينديون. شڪراني جي ڏهاڙي جي مُک تقريب پاڪستان مونومنٽ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي. تقريب ۾ سمورن مڪتب فڪر سان لاڳاپيل اهم شخصيتون شرڪت ڪنديون. تقريب جو مهمان خاص وزيراعظم هوندو، جڏهن ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ هٿياربند فوج جا سربراهه به تقريب جو حصو بڻبا.اي