اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) قومي علماء مشائخ ڪائونسل ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن جو آپريشن بنيان مرصوص جي ڪاميابيءَ تي پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي شاندار لفظن ۾ خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي ۽ 16 مئي تي سڄي ملڪ ۾ شڪراني جو ڏهاڙو ۽ يومِ پاڪستان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪالهه مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ مقامي هوٽل ۾ قومي مشائخ علماء ڪائونسل ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن کي خطاب ڪندي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي چيو ته عالمن ۽ مشائخن جي رهنمائي ۽ تجويزن تي عمل ڪندي اهم فيصلا ڪنداسين، مختلف علائقن ۽ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ عالم سڳورن جي تجويزن جي روشنيءَ ۾ جيڪي به فيصلا ٿيندا ان ۾ سڀني جو فائدو هوندو. هن چيو ته عالم سڳورن جي سرپرستي تمام ضروري آهي، فيصلو ڪيو ويو آهي ته (اڄ) سڄي ملڪ ۾ يومِ امن ۽ شڪراني جو ڏهاڙو ملهايو ويندو. پاڪ فوج سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ويندو. هن سمورن مڪتب فڪر جي عالم سڳورن کي گذارش ڪئي ته مسلمان اُمت ۾ امن ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيون ۽ فتويٰ بازيءَ کان پاسو ڪريون. هن چيو ته اسان فلسطين تي ٿيل ظلمن جي به شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو ان معاملي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري.