ڪراچي-12 مئي (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پنھنجي پيغام ۾ چيو آھي ته 13 مئي تي گورنر ھائوس ۾ پاڪستان جي فوج سان يڪجهتي جي اظهار جو جشن ملھايو ويندو. گورنر ھائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر چيو ته پاڪستان کي بچائڻ ۽ ھندستان کي ذلت ۾ وجھڻ جو جشن ملھائينداسين. ھن چيو ته ھندستان کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪندڙ فوج اسان جي سر جو تاج آھي، شھري پنھنجي پاڙيسري فوجين جي گھر مٺائي ،گلن جا ھار موڪلين. ھن چيو ته ”آپريشن بُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي گورنر ھائوس کان وٺي ڪراچي کان اسلام آباد تائين جشن جهڙو ماحول آھي. ھن چيو ته 13 مئي تي گورنر ھائوس ايندڙن کي پنھنجن ھٿن سان مٺائي کارائيندسن.