ڪراچي-12 مئي (اي پي پي) نرسنگ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ نرسن جي صحت جي نظام ۾ اهم ڪردار جي ساراهه ڪئي ۽ انهن کي “صحت جي خدمتن ۾ ڪرنگهي جي هڏي” قرار ڏنو. هن نرسن جي محنت، همدردي ۽ پروفيشنل مهارتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته نرسن جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل آھن ۽ سماج جي گڏيل ذميواري آهي ته انهن کي عزت ۽ احترام ڏئي. هن وڌيڪ چيو ته سندن خدمت جو جذبو ۽ صلاحيتون واقعي واکاڻ لائق آھن. مراد علي شاھ نرسنگ شعبي جي ترقي لاءِ سنڌ حڪومت جي پختي عزم کي ورجايو. هن چيو ته اسين صوبي ۾ نرسنگ جي تعليم، سکيا ۽ فلاح جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ سرگرم آهيون. حڪومتي قدمن بابت روشني وڌي، وڏي وزير ٻڌايو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۾ نرسنگ ڪاليجن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ نرسنگ جي تعليم جي معيار ۾ نمايان بهتري آئي آهي. نرسنگ شعبي سان سلهاڙيل شاگردن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪيا ويا آهن. نرسن جي پگهارن ۽ مالي رعايتن ۾ چڱو خاصو اضافو ڪيو ويو آهي. نرسن کي جديد طبي معيار مطابق تربيت ڏني پئي وڃي. نرسنگ شعبي ۾ تحقيق کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاليسي ۽ ادارتي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پڻ قدم کنيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته نرسن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ ادارن سان مسلسل تعاون جاري آهي. هن چيو ته نرسن جي فلاح و بهبود ۽ عوامي صحت جي بھتري سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. مراد علي شاھ چيو ته سنڌ جون نرسون هميشه ذميواري ۽ جرئت سان خدمت انجام ڏينديون آهن خاص ڪري بحرانن دوران انهن جو ڪردار ساراهه جوڳو رهيو آهي. هن معاشري ۾ نرسنگ شعبي جي اهميت کي وڌيڪ اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ عزم ظاهر ڪيو ته سندس حڪومت دوران ان شعبي ۾ سڌارن ۽ بهتري جو عمل جاري رهندو.