مظفر آباد-12 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي ته ڀارت، لائن آف ڪنٽرول تي سول آبادي کي نشانو بڻايو آهي، ڀارت طرفان شهري آبادين تي گوله بازي جي شديد مذمت ڪريون ٿا. ڀارت، آزاد ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول تي رهندڙ معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائي پنهنجي بوکلاهٽ جو واضح ثبوت ڏنو آهي. ڀارت جي لائن آف ڪنٽرول جي فائرنگ سبب آزاد ڪشمير جا 31 شهري شهيد، 126 زخمي ۽ 299 گهر تباه ٿيا آهن جڏهن ته لائن آف ڪنٽرول جي مختلف علائقن مان 1155 خاندانن لڏ پلاڻ ڪئي آهي. آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، آزاد ڪشمير حڪومت ۽ انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو ڀارتي گوله بازي سبب ٿيل نقصانن جو ڪاٿو لڳائيندي متاثرن جي فوري مدد ۽ زخمين کي طبي امداد جي فراهمي ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي وڃي. ان موقعي تي آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، ڀارتي فائرنگ سبب شهيد ٿيلن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.