اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تازي جنگبندي معاهدي جي آجيان ڪندي جاري ڪيل بيان تي ٿورا مڃيندي ان کي تسليم ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ان جائزي سان اتفاق ڪري ٿو ته اها اڳڀرائي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ طرف هڪ مثبت قدم جي نشاندهي ڪري ٿي. پرڏيهي آفيس ان ڏس ۾ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي جائز امنگن موجب حل خطي ۾ پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي، پاڪستان امن ۽ علائقائي استحڪام جي فروغ ۾ گڏيل قومن جي ڪردار کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، اسان گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي اصولن تي ٻڌل تعميري ۽ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه جي پنهنجي عزم ۾ ثابت قدم آهيون، جنهن جو مقصد ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي لاءِ امن، سلامتي ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ آهي.