اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ڪشمير شاخ جي قيادت، ڀارتي جارحيت ۽ عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي ڄاڻي واڻي معصوم ۽ هٿي خالي عوام خاص طور ٻارن، عورتن ۽ مقدس جاين کي نشانو بڻائڻ جي شديد مذمت ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ڪشمير شاخ جي ڪنوينر غلام محمد صفي، جنرل سيڪريٽري پرويز احمد شاهه، سينئر حريت اڳواڻن محمود احمد ساغر ۽ ٻين پنهنجي ڌار ڌار بيانن ۾ ڀارتي جارحيت جو فوري ۽ موثر جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏنيون آهن. هن چيو ته پاڪستاني هٿياربند فوج، جنهن پيشيوراڻي مهارت، جرئت ۽ حب الوطني جي جذبي جو مظاهرو ڪندي آپريشن ”بنيان مرصوص“ کي ڪاميابي سان همڪنار ڪيو، اهو تحسين جوڳو آهي. هن چيو ته هٿياربند فوج جي بهادر جوانن، دشمن جي جارحيت کي نه صرف ناڪام بڻايو پر سڄي دنيا ۾ پنهنجي بي مثال طاقت ۽ صلاحيتن کي مڃرايو. هن چيو ته اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪ فوج بروقت جرتمنداڻي ۽ فيصلائتي ڪارروائي ڪندي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. حريت اڳواڻن چيو ته پاڪ فوج جو اهو ڪامياب آپريشن نه صرف پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختاري جو ضامن بڻيو آهي پر ان ڪشميري عوام جي حوصلن کي به بلند ڪيو آهي. حريت اڳواڻن، خطي ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ٽئين جاءِ تي عالمي ثالثي جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ بامقصد ڳالهيون کي سٺو سئنوڻ قرار ڏنو.