مظفرآباد-10 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي ته اسان پاڪ فوج کي جرئتمندي سان ڀارت جي حملن جو جواب ڏيڻ ۽ ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. پاڪ فوج ڀارت کي وڏي پئماني تي نقصان پهچايو آهي جنهن سان ڀارت جو غرور مٽي ۾ ملي ويو. پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي عوام پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهن ۽ ڀارت جي ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. اهڙو اظهار هن اڳوڻي اسيمبلي ميمبر چوڌري رزاق سان ايوان صدر ڪشمير هائوس اسلام آباد ۾ هڪ تفصيلي ملاقات ۾ ڪيو. ان موقعي تي چوڌري رزاق آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر کي لائن آف ڪنٽرول جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو ته موجوده جنگي صورتحال ۾ پوري قوم گڏجي ڀارت جي فسطائيت جو مقابلو ڪندي، پاڪ فوج ملڪي سرحدن تي ڀارت طرفان رات جي اونداهي ۾ ڪيل بزدلاڻن حملن جو پوري طاقت سان جواب ڏيندي ڀارت جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملايو آهي. پاڪ فوج جا حوصلا بلند آهن ۽ پوري قوم هن وقت پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جو اصل سبب ڪشمير تڪرار آهي، عالمي برادري کي ڪشمير مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته نريندر مودي هندو پرست نظريي تحت ڪشمير مسئلي کي ختم ۽ ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي طاقت ذريعي چيڀاٽڻ چاهي ٿو پر ڪشمير مسئلو جيستائين ڪشميري عوام جي مرضي موجب حل نٿو ڪيو وڃي تيستائين خطي ۾ امن ممڪن ناهي.