اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) آپريشن بنيان المرصوص تحت پاڪستان ڪامياب سائبر حملن ۾ ڪيترن ئي ڀارتي ويب سائيٽس کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو آهي. سيڪيورٽي ذريعن مطابق ڀارت جي حڪمران ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي آفيشل ويب سائٽ انهن حملن ۾ هڪ اهم هدف هو جڏهن ته ڪرائم ريسرچ انويسٽيگيشن ايجنسي، مهانگر ٽيليفون نگام لميٽڊ (ايم ٽي اين ايل)، ڀارت ارٿ موورز لميٽڊ ۽ آل انڊيا نيول ٽيڪنيڪل سپروائيزري اسٽاف ايسو سي ايشن سميت ٻين ڪيترن ئي ويب سائيٽس تي ڪامياب حملا ڪيا ويا آهن جن کانپوءِ انهن ويب سائٽس تان وڏي تعداد ۾ ڊيٽا کي مٽايو ويو آهي. ٻئي پاسي سائبر حملن دوران هندوستان ايروناٽڪس لميٽڊ، بارڊر سيڪيورٽي فورسز ۽ يونيڪ آئيڊنٽيفڪيشن اٿارٽي آف انڊيا (يو آءِ ڊي اي آءِ) کان علاوه ٻين مختلف اهم ڀارتي ادارن جي ويب سائيٽس تان حساس معلومات حاصل ڪئي وئي آهي. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته پاڪستان جي ڪامياب سائبر حملن ۾ ڀارتي فضائيه ۽ مهاراشٽر اليڪشن ڪميشن جي ڊيٽا بيس تائين به پهچ حاصل ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه پاڪستاني هيڪرز سڄي ڀارت ۾ 2500 کان وڌيڪ نگراني ڪندڙ ڪيمرائن کي به پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻي ورتو جيڪو سائبر حملن جي وسيع آپريشن جي عڪاسي آهي.