اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ملڪي معيشت ۾ تيل ۽ گيس جي صنعت جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته تيل ۽ گيس جي تلاش جو شعبو پاڪستان جي معيشت جو اهم ٿنڀ آهي ۽ حڪومت آمدني واپار تي گهٽ ڀاڙڻ تي توجهه ڏئي رهي آهي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن پاڪستان پيٽروليم ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن ڪمپنيز ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. جنهن تنظيم جي چيئرمين طحه علي تيمي (ڪنٽري مئنيجر ڪوفپيڪ) جي اڳواڻيءَ ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ اهم موقعن ۽ چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير پيپڪا جي توانائي جي شعبي ۾ اهم ڪردار کي ساراهيندي ڪاروباري ماحول کي سازگار بنائڻ لاءِ حڪومتي عزم کي ورجايو. هن چيو ته پيپڪا ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ اهم ڳولا ۽ پيداواري ڪمپنين جي نمائندگي ڪري ٿو جيڪو پاڪستان جي توانائي جي منظرنامي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي پيپڪا پنهنجي ميمبرن جي ڪردار کي اجاگر ڪيو جن پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ قومي ناڻي لاءِ وڏي آمدني پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ايسوسيئيشن تلاش ۽ پيداواري سرگرمين کي متاثر ڪندڙ عملي جا مسئلا به ٻُڌايا. علي پرويز ملڪ پي پي اي پي سي اي کي صنعتي چئلينجز جي حل لاءِ حڪومت جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائيندي پاڪستان جي پيٽروليم شعبي جي پائيدار ترقيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو. پيپڪا جي ميمبرن وزير جي مثبت رويي کي ساراهيندي تلاش جي سرگرمين کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ سميت معاشي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن جي باري ۾ پُراميدي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان جي پيٽروليم شعبي جي پائيدار ترقيءَ لاءِ عوامي ۽ نجي شعبي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بنائڻ جي گڏيل عزم تي اتفاق ڪيو ويو.