اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان ڀارتي اڳرائي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ايل او سي تي ڀارت جي فائرنگ ۽ گوله باري ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. ڀارت جو اهو عمل نه صرف خطي پر عالمي امن لاءِ خطرو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن معصوم شهرين جي شهيد ۽ زخمي ٿيڻ تي همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڀارتي ميزائل حملا غير ذميداراڻه، بنا جواز ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن. ڀارتي حملا خطي جي امن ۽ استحڪام کي شديد خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڀارتي اڳرائي صرف پاڪستان لاءِ نه پر عالمي امن لاءِ به وڏو خطرو آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته ڀارت ايٽمي خطي ۾ مهم جوئي ڪري تباهه ڪُن رستو اختيار ڪيو آهي. ڀارت کي نه انساني جانين جي پرواهه آهي ۽ نه ئي عالمي اصولن جي، شهري فضائي حدن کي نشانو بنائي ڀارت پاڻ کي خطرناڪ ملڪ ثابت ڪيو آهي. عالمي برادري ڀارت جي ڪوڙي بيانيي جي پُٺيان لِڪل حقيقت کي سمجهي. هي وقت آهي ته دنيا جون وڏيون طاقتون امن، انصاف لاءِ بيٺل هجن. جيڪڏهن ڀارت جي مهم جوئي روڪي نه وئي ته پوءِ پورو خطرو نئين جنگ جي لپيٽ ۾ اچي سگهي ٿو. ڀارتي اڳرائيءَ تي پاڪستان کي عالمي فورمز تي ڀرپور آواز اُٿارڻ گهرجي.