اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف طرفان قوم کي خطاب دوران ڪشمير مسئلي تي صاف ۽ واضح موقف کي ساراهيندي ان کي ڪشميرين جي جذبن جو عڪاس قرار ڏنو آهي. وزيراعظم گذريل ڏينهن قوم کي خطاب دوران چيو ته عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ڪشمير هڪ حقيقي تڪرار هو، آهي ۽ ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين ڪشمير ڀينرن ۽ ڀائرن کي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ آزاداڻي، غير جانبداراڻي ماحول ۾ راءِ جو حق نٿو ملي وڃي، ڀارت جي هڪطرفي فيصلن سان حقيقت ڪڏهن به نه بدلجندي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي سيڪريٽري اطلاعات مشتاق احمد بٽ ۽ ٻين پنهنجي بيانن ۾ چيو ته وزيراعظم پاڪستان پنهنجي خطاب ۾ ڪشميرين جي جذبن ۽ احساسن جي ڀرپور ترجماني ڪئي آهي، جنهن تي ڪشميري انهن جا ٿورائتا آهن.