ڊيره غازي خان – 06 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي فوج سان يڪجھتي جي اظھار ۽ ڀارت ۾ مودي سرڪار خلاف ڊيره غازي خان مان پنجاب جي اسيمبلي جي ميمبر سردار صلاح الدين کوسه ۽ مسلم ليگ ن جي مقامي اڳواڻ ملڪ شوڪت عليم جي قيادت ھيٺ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪ فوج سان محبت جو اظھار ڪندي پاڪستان زنده آباد، پاڪ فوج زنده آباد جا زوردار نعرا لڳايا. ريلي ۾ ڊيره غازي خان مان مسلم ليگ ن جي ٻين مقامي اڳواڻڻ سميت وڏي تعداد ۾ شھرين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ايم پي اي سردار صلاح الدين کوسه چيو ته ڀارت کي منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ اسان پاڪ فوج سان گڏ آھيون ۽ پاڪستان جو ھر شھري وطن لاءِ پنھنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آھي. ھن چيو ته ڀارت کي پاڪستان اھڙو سبق سکاريندو جيڪو سندس نسل ياد رکندا. ھن چيو ته پاڪستاني عوام ڪنھن به ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج سان گڏ آھي ۽ مودي حڪومت جي ڪوڙي پروپيگنڊه بي نقاب ٿي چڪي آھي ۽ پاڪستاني عوام پنھنجي پاڪ فوج سان لوھي ڀت جيان گڏ بيٺل آھي. ھن چيو ته پاڪستان جي حفاظت مضبوط فوج وٽ آهي جيڪا امن ۽ سلامتي جي ضامن آھي ۽ مودي سميت ڀارت جي حڪومت مونجھاري جو شڪار آھي. ان موقعي تي ملڪ شوڪت عليم چيو ته دنيا سامھون ڀارت جو اصل چھرو بي نقاب ٿي چڪو آھي، تاريخ گواه آھي پاڪستان ڀارتي جارحيت جو منھن ٽوڙ جواب ڏنو آھي. ھن چيو ته اسان کي فخر آھي ته سان وٽ دنيا جي بھترين فوج آھي.