اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان دهشتگرديءَ جو سڀ کان وڌيڪ نقصان برداشت ڪيو آهي. 90 هزار جانين جي قربانين ڏني، پهلگام واقعي جي اسان مذمت ڪئي آهي. ان واقعي جي آزاداڻي جاچ لاءِ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا آڇ ڪئي آهي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ پهلگام واقعي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ان جي مذمت ڪئي وئي ۽ ان واقعي کي بنياد بنائي ڀارت طرفان پاڪستان جي پاڻيءَ کي بند ڪرڻ ۽ حملي جي حوالي سان ڳالهين تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته هي واقعو ڪيئن ٿيو. سينيٽ جي ميمبرن جو ٿورو مڃان ٿو جن هڪ متفقه قرارداد ڏني. هن چيو ته پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ 90 هزار جانين جي قرباني ڏني، پاڪستان کان وڌيڪ ڪير ڄاڻي ٿو ته دهشتگرديءَ جو نقصان ڪيترو ٿيندو آهي. پهلگام واقعي تي پاڪستان آزاداڻي جاچ جي ڪيترائي ڀيرا آڇ ڪئي آهي. ان معاملي تي پوري قوم گڏ آهي.