اسلام آباد-03 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري واري وزارت پاڪستاني ۽ عالمي ميڊيا لاءِ اڄ ۽ سڀاڻي لائن آف ڪنٽرول ( ايل او سي) جي دوري ۾ سهولت فراهم ڪري رهي آهي. ان دوري جو مقصد ڀارت طرفان پاڪستان ۾ نام نهاد ۽ دهشتگردي جي فرضي ڪيمپن جي حوالي سان بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪي پروپيگنڊا کي بي نقاب ڪرڻ آهي. سڌ سماءَ واري وزارت طرفان گذريل ڏينهن جاري بيان موجب ڀارت ڪيترائي ڀيرا لائن آف ڪنٽرول تي مبينه دهشتگرد ٺڪاڻن جي حوالي سان بي بنياد ۽ من گهڙت دعويٰ ڪندو رهيو آهي، ان دوري دوران ميڊيا جي نمائندن کي اصلي زميني حقيقتون ڏيکارڻ لاءِ انهن کي مخصوص هنڌن تي وٺي وڃبو جتي ڀارت ڪوڙين دعوائن ۾ دهشتگرد ڪيمپس قرار ڏنو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان امن لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ دنيا ۾ ڪٿي به ڪنهن به قسم جي دهشتگردي يا دهشتگرداڻي سرگرمين جي هر شڪل کي چٽي انداز ۾ رد ڪري ٿو. قوم پنهنجي خودمختياري لاءِ پرعزم آهي ۽ ڀارت جي ڪنهن به جارحيت جو فوري ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.