اسلام آباد-03 مئي (اي پي پي) مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار حذيفه رحمان چيو آهي ته پاڪستان ڀارت جي ناپاڪ پروپيگنڊا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي شڪايتن کي سمورن عالمي فورمن تائين وٺي ويندو، پاڪستان هڪ آزاد رياست آهي، اسان جون پنهنجو پاليسيون آهن ۽ ڪنهن به جارحيت خلاف پنهنجي خودمختياري جو ڀرپور دفاع ڪنداسين. اهڙو اظهار حذيفه رحمان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. هن ڀارت کي واضح پيغام ڏيندي چيو ته عالمي انٽيلي جنس ايجنسيون ۽ ٻيا ادارا پوري طرح چوڪس آهن ۽ صورتحال تي نظر رکن پيون. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي ناپاڪ پروپيگنڊا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي شڪايتن کي سمورن عالمي فورمن تائين وٺي ويندو. هن چيو ته پاڪستان هڪ آزاد رياست آهي جنهن جون پنهنجو پاليسيون آهن ۽ ڪنهن به جارحيت خلاف پنهنجي خودمختياري جو ڀرپور دفاع ڪندو. هن پاڪستان خلاف هندستان جي پهرين کان طئي ٿيل الزامن کي رد ڪندي چيو ته اهڙي دعويٰ بي بنياد آهي ۽ ان جو مقصد پاڪستان جي سڃاڻپ کي خراب ڪرڻ جي سازش آهي. ڀارت جي بيانئي ۾ ٽڪراءُ تي روشني وجهندي هن نشاندهي ڪئي ته ڀارت جا پنهنجا شهري ۽ آفيسر به پروپيگنڊا خلاف احتجاج ڪندي پنهنجي عهدن تان استعيفا ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته ان اڳڀرائي ڀارت کي دنيا آڏو وڌيڪ بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عالمي برادري هاڻي پاڪستان خلاف ڀارت جي بنياد الزامن سان بيوقوف نه بڻجي رهي آهي. هن چيو ته هندو انتهاپسنداڻيون پاليسيون خطي کي عدم استحڪام ۽ ٽڪراءُ طرف وٺي وڃي رهيون آهن ۽ قوم پرستي جي آڙ ۾ اهڙي طرح جون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ زور ڀريو ته اهي انتهاپسنداڻا نظريا نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي استحڪام ۽ امن لاءِ خطرو آهن. هن الزام لڳايو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان خلاف اها پروپيگنڊا مهم ملڪي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ ۽ چونڊن کان اڳ ٻيهر مقبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ هلائي وئي. هن روشني وڌي ته سک برادري ۽ اقليتن سان سلوڪ تي پاڪستان جي مسلسل واکاڻ ڪئي آهي ۽ پاڪستان هميشه پنهنجي اقليتي گروپن سان سٺا لاڳاپا رکيا آهن ان جي ابتڙ ڀارت جي پنهنجي اقليتي برادرين تي ظلم ۽ ستم ۽ پسماندگي جي تاريخ آهي. مملڪتي وزير واضح ڪيو ته پاڪستان جو جواب متناسب هوندو ۽ ڪنهن به اشتعال انگيزي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو ۽ پاڪستان تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ سفارتي ذريعن سان به پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن خبردار ڪيو ته پاڪستان پنهنجي قومي مفادن ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ کان پاسو نه ڪندو.