اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي ۽ نائب صدر ڪاجا ڪالس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن بابت اعليٰ نمائندي کي تازي علائقائي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ ڀارت جي بي بنياد الزامن ۽ اشتعال انگيز پروپئگنڊه کي واضح طور تي رد ڪيو. هن سنڌ طاس معاهدي کي روڪڻ جي ڀارت جي فيصلي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اها معاهدي جي ذميوارين ۽ عالمي قانون جي واضح خلاف ورزي آهي. نائب وزيراعظم امن ۽ علائقائي استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي آزاد ۽ شفاف جاچ جي لاءِ پاڪستان جي تجويز جو ورجاءُ ڪيو. يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي طرفن پاڪستان – يورپي يونين لاڳاپن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.