اسلام آباد -22 اپريل (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ نيشنل فرٽيلائيزر ڪارپوريشن جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ڀاڻ جي قيمتن ۽ پيداوار بابت ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جو سيڪريٽري سيف انجم پڻ موجود هو. هارون اختر خان اجلاس دوران مختلف ڀاڻ جي ڪمپنين جي قيمتن ۾ فرق جو تفصيل سان جائزو ورتو ۽ چيو ته آبادگارن کي رليف ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته آبادگارن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڀاڻ ٺاهڻ وارين ڪمپنين کي سستي گئس فراهم ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ يوريا جي پيداوار ۽ قيمتن تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. هن چيو ته ڀاڻ بابت مسئلن ۽ ان جي حل تي ٻڌل هڪ جامع بريفنگ وزيراعظم لاءِ تيار ڪئي وڃي.