ماسڪو / اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس جي گڏيل ورڪنگ گروپ جو عالمي دهشتگردي جي خاتمي بابت 11هون اجلاس ماسڪو ۾ ٿيو. پاڪستان جي وفد جي قيادت اسپيشل سيڪريٽري (گڏيل قومون) نبيل منير ڪئي جڏهن ته روسي وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير سرگئي ورشينن ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ڌرين عالمي ۽ علائقائي دهشتگردي جي منظرنامي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، افغانستان ۽ خطي ۾ دهشتگردي سبب وڌندڙ خطري تي خاص طور تي ڌيان ڏنو ويو. ڳالهه ٻولهه دهشتگردي جي وڌندڙ عالمي نوعيت ۽ تعاون تي ٻڌل حڪمت عملي جي وڌندڙ ضرورت تي مرڪوز رهي. اجلاس دهشتگرد گروهن پاران درپيش گڏيل چئلينجز جي مقابلي ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ورجاءُ سان پڄاڻي تي پهتو. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ويو ته علائقائي ۽ عالمي استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ضروري آهن. ورڪنگ گروپ جو ايندڙ اجلاس 2026ع ۾ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.