اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان لارڊ سرفراز آف ڪنسنگٽن جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد ۾ لارڊ اينڊ ليڊي لنڪاسٽر ڊاڪٽر ابراهيم الموجيل ۽ ٻيا ڪاروباري اڳواڻ شامل هئا. هنن پاڪستان جي ڀرپور سياحتي منظرنامي ۽ وڌندڙ ڪاروباري صلاحيت کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان ۽ برطانيا ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ عوام سان عوام جي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ برطانوي پارليامينٽرينز جي اهم ڪردار تي زور ڏنو.